ڀاڳ

ڀاڳ

ڀاڳ 2

ڀاڳ (ادبي پرچو): هي ٽه ماهي پرچو ’ڀاڳ‘ سنڌي- ادبي سنگت شاخ کپري جي پليٽ فارم تان، ايڊيٽر استاد لغاري شايع ڪندو هو. سال 1998ع ۾ شايع ٿيندڙ هن ادبي پرچي جا ٽي شمارا شايع ٿيا. هن پرچي جا اسسٽنٽ ايڊيٽر ڄام خان هنڱورجو ۽ شير محمد لاشاري هئا. سندن ٻانهن ٻيلي غلام رسول هنڱورو لوڻ کاڻ وارو ۽ غلام رسول هئا. اخباري سائيز جي هن ادبي پرچي ۾ شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيا ليک شايع ڪيا ويندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو